پير بنگل جي مزار

پير بنگل جي مزار: تعلقي قمبر جي ديهه ڪوهستان ۾ ’سيتا نئن‘ جي کاٻي ڪنڌيءَ ڀرسان پير بنگل جي مزار آهي. مزار ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٻاهر وڻ ۾ لٽڪيل گھنڊ کي وڄايو ويندو آهي. هن پير ٻه اڍائي سئو سال اڳ اچي هتي آستانو قائم ڪيو هو. سندس مزار ٻاهران پٿرن جو گول لوڙهو آهي. ان ۾ پير جي مقبري سان گڏ ٻه ٻيون به مزارون آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته هڪ سندس زال ۽ ٻي سندس پٽ جي قبر آهي. قبر جي پيراندي ۽ سيرانديءَ کان اڍائي فوٽن جا پٿر اُڀا بيهاريا ويا آهن. قربانيءَ مهل جانورن جو رت انهن پٿرن تي هاريو ويندو آهي.


لفظ پير بنگل جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو